ھڪ جپسي ڪالم … سُندرتا جي ڪِي-چين ۽ ڪوالالمپور…….!

0
172
ھڪ جپسي ڪالم ... سُندرتا جي ڪِي-چين ۽ ڪوالالمپور.......!

  ھِيءَ سفرنامي نما ڪھاڻي منھنجي وڏي پٽ خالد حبيب جي آھي، جنھن کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ ملائيشيا جي گاديءَ جي ھنڌ ڪوالالمپور ۾ جاب آفر ٿي آھي ۽ ھُن کي ان شھر ۾ جاب جي ڪنفرميشن جي لاءِ گھرايو ويو ھو…مون کي ٻن ويھڪن جي عرصي ۾ ھن جيڪو ڪجھ ٻڌايو، اھو ھتي لکي رھيو آھيان، ھن جي زباني ان شھر جي آکاڻي پڙھون ٿا. ھُو چئي رھيو ھو، ”منھنجي ھڪ ٿائي ڇوڪري دوست جنھن سان آءِ ٽي جي شعبي جي حوالي سان ڪجھ سالن کان انسٽاگرام تي ڄاڻ سڃاڻ ٿي ھئي، ھن کي جڏھن مون ٻڌايو ته منھنجي ھن جي شھر جي ٽرپ آھي، ته ھن مسڪرائي ويلڪم ۾ ھڪ جملو پنھنجي ٿائي ٻوليءَ ۾ لکيو جنھن جو مون گوگل ٽرانسليٽ تي ترجمو ڪيو ته جملي جو مطلب ھو ”پيار جي ڪري ڪنڊا به گلن جيان نرم ۽ خوشبودار بڻجي ويندا آھن“.  ۽ مون ھن کي ٿينڪس چئي وش ڪيو. ڪولالمپور ۾ ان مھل صبحَ ٿي رھي ھئي، جڏھن منھنجي فلائيٽ شھر جي ايئر پورٽ تي لٿي ھئي، شھر جي ايئرپورٽ تي ھڪ رنگين ۽ سرسبز سانت اسان جي منتظر ھئي، سڀ ڪمَ خاموشيءَ ۽ احترام سان ٿي رھيا ھئا…منھنجي پاڪستاني پاسپورٽ کي ڏسي، چيڪنگ اسٽاف مون کي پاسي تي وٺي ويو ۽ منھنجي پوري جسمَ جي اسڪيننگ ڪئي وئي، اھا ڳالھ مون کي صفا سمجھ ۾ ڪانه آئي ته ايئن ڇو ٿي رھيو آھي، بعد ۾ مون کي پنھنجي ھڪ ٿائي ساٿيءَ ٻڌايو ته پاڪستان انھن ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو، جنھن جي عوام تي ڪڙي نگراني رکي ويندي آھي، ڇو ته پاڪستان جا رھواسي ڪمال جا آھن، ھر قسم جو رسڪ کڻي ڪوبه لڪل ڪم ڪرڻ ۾ لڳي ويندا آھن، خير اتان فارغ ٿي ٻاھر آياسين ته ڀڪَ ۾ ريلوي جي ٽيوب اسٽيشن ھئي، جنھن لاءِ اسان کي لفٽ ذريعي ڪافي ھيٺ لھڻو پيو. يعني اھا ٽرين اسٽيشن ٽن منزلن تائين زمين جي تري ۾ جوڙي وئي ھئي، ٽرين پنھنجي وقت تي آئي ۽ صرف پنجن منٽن جي اسٽاپ ۾ ڏسندي ئي ڏسندي فل ڀرجي وئي. سڀ دروازا خودڪار سسٽم تحت بند ٿي ويا ۽ بي انتھا نرميءَ سان ٽرين زير زمين ٽريڪ تي رفتار جو وٺندي وئي ته مان حيرانيءَ وچان ڏسي رھيو ھيس ته منھنجي ھٿ ۾ پڪڙيل منرل پاڻيءَ جي بوتل ۾ پاڻي ٿورڙي به لرزش نه ڪري رھيو ھو.. پٽڙين جي ايتري بھترين الائنمينٽ ۽ ٽرين جي سافٽ رفتار تي انھن ريل انجنيئرن کي سلام ھجي.

ٽرين جي بوگيءَ ۾ منھنجي ڀڪَ ۾ کوڙ ساريون ٿائي ڇوڪريون ۽ عورتون ويٺيون ۽ بيٺيون ھيون، اھي لباس جي معاملي ۾ ڪنھن به يورپي ملڪ کان گھٽ ڪونه ڏسجي رھيون ھيون، انھن جون ٽائيٽ فٽنگز ڪمال جون ھيون، ڄڻ ڪي تراشيل ۽ نرم گڏيون منھنجي ڀڪَ ۾ ويٺيون ھجن، ٿائي عورتن لاءِ مشھور آھي ته اھي بيحد وفادار ۽ سُھڻيون ھونديون آھن، اسان جي اسلامي ملڪ مان ويل ماڻھو پريشان ٿي ويندا آھن ته مھاتير محمد جو ھي ملڪ، جتي ھُو جولاءِ 1981ع کان 2003ع تائين وزيراعظم رھيو ھو، ھنَ پنھنجي ملڪ جي قسمت ئي بدلائي ڇڏي، اھو ملڪ جتي اڄ به مسلمان 63 سيڪڙو ،آھن ڪٿان به شيعه، سني، بريلوي ۽ ٻين اڪيچار فرقن ۾ ورھايل نظر نه ٿو اچي، سڀ پنھنجي پنھنجي دائري ۾ خاموشيءَ سان پنھنجي مذھب جي پيروڪاري ڪري رھيا آھن، مون ڪڏھن به ملائيشيا ۾ سني ۽ شيعه، بريلوي ۽ ديوبندي تڪرار ڪٿي به ڪونه ٻڌو، ھتي قانون جي ڪمال حڪمراني آھي، ڪوبه ڪنھن سان کنئونس ڪرڻ جو سوچي به نه ٿو سگھي، اھو سڀ ڪجھ رڳو اسان وٽ آھي، ڪجھ ڏينھن ٿيا اخبار ۾ پڙھيم ته اسان جي ملڪ جي ھڪ شھر ۾ مذھبي ٽولي کي ھڪ اھڙو شخص ملي ويو، جيڪو مخالف فرقي جو ھو، ھُو رڙيون ڪري ھن کان بار بار پڇي رھيا ھئا ته ٻڌاءِ اسان جو نبي بشر ھو يا نور ھو، جڏھن پنھنجي فرقي جي حساب سان ھن غريب جواب ڏنو ته انھيءَ مھل ئي ھن ويچاري کي وچ بازار ۾ باھ ڏيئي ساڙي ڇڏيائون، ڪوبه قانون ڪونه ھو، ڪابه پوليس اڳيان ڪونه آئي ۽ ايئن اھو خون ڌرتيءَ تي ئي ھارجي سُڪي ويو.

مان جيترا ڏھاڙا به ملائيشيا ۾ رھيس، چئلائي مون سان گڏ گڏ ئي رھي، اسان کوڙ ساريون ڳالھيون ڪندا ھئاسين، ھڪ ٻئي جي ڪلچر، مذھب ۽ گڏوگڏ ٻوليءَ جي ڪمپيوٽر واري پھلوءَ تي گھڻُو گھڻو ھڪ ٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا رھياسين. ھوءَ ھڪ سلڇڻي ۽ بيحد خيال رکندڙ ڇوڪري ھئي، ھڪ ئي سبجيڪٽ جا ساٿي ھئڻ ڪري اسان ۾ ڪجھ ئي ڏينھن ۾ ڪمال جي انڊراسٽينڊنگ پئدا ٿي وئي ھئي، ھن ڪوالالمپور ۾ انٽرويو جي ڪاميابيءَ تي مون کي دل سان مبارڪباد ڏني ۽ ھڪ گرم جوش ڀاڪر گفٽ ڪيو، پيرڳوٺ جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ جو رھواسي ٻروچ ڇوڪرو ايترو ڪجھ ملي وڃڻ جي اميد ڪڏھن به  نه ڪري رھيو ھو مگر چئلائيءَ جي پرخلوص ۽ دوستاڻي ڪمپنيءَ جي ڪري منھنجي اھا ٽرپ ھر حوالي سان ھڪ يادگار ٽرپ رھي ھئي، چئلائيءَ کي خبر ھئي ته منھنجي نوڪري ھن جي شھر ۾ لڳي وئي آھي، ان ڪري به ھوءَ الائي جي ڇو ڏاڍي مسرور ۽ خوش ھئي.  ھن مون کي الاھي ساريون قراني آيتون به پڙھي ٻڌايون ۽ مان ھن کان ھڪ لمحي جي وٿيءَ پڄاڻان ھن جو فرقو پڇي ورتو ته ھن حيران ٿي ڪري چيوته اسلام ته ھڪ مڪمل جيون-ڪوڊ آھي. ان ۾ فرقن جي ڳالھ سمجھ ۾ ڪانه آئي آھي. ھاڻي مان کيس ڇا ٻڌايان ھا ۽ ڪھڙي منھن سان ٻڌايان ھا ته آمريڪا ضياءَ الحق جھڙي آمر کي استعمال ڪندي فرقي واريت جو اھڙو ته خوني ٻج اسان جي ذھنن ۽ دلين ۾ پوکي ويو آھي جو اسان ايترن سالن پڄاڻان به شيعا سني ۽ بريلويءَ فرقن ۾ ڦاٿا پيا آھيون ۽ ان ڌٻڻ مان نڪرڻ جي ڪابه واھ سجھي ئي ڪانه ٿي.

ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ جيڪي به ملڪ ھڪ ٻئي سان ڳنڍيل آھن، اھي بنا ويزا پاليسيءَ وارا ملڪ بڻجي ويا آھن، ان ڪري ھتان ڪنھن به ٻئي پاڙيسري ملڪ وڃڻ،  ڄڻ پنھنجي ئي صوبي جي ھڪ ٻئي شھر ڏانھن وڃڻ جيان سئولو آھي، ان ڪري ٻئي ڏينھن اسان ڀڪَ واري ملڪَ ٿائيلينڊ جي ھڪ سھڻي شھر ڦوڪٽ لاءِ نڪري پياسين، بس ذريعي سفر جا 120 ڊالر لڳي رھيا ھئا مگر ايئر ٽڪيٽ رڳو 82 ڊالرن جي ھئي، ان ڪري اسان فلائيٽ ذريعي ڦوڪٽ شھر آياسين، انڊيمان سمنڊ جي ڪناري جو ھي شھر ڌرتيءَ تي جنت جيان سونھن سان سينگاريل ھو، ھتان جا سامونڊي ڪنارا 24 ڪلاڪ پرڏيھي سياحن سان ڀريل ھئا، ھر ڪوئي ڌرتيءَ تي جنت جو نظارو ڏيندڙ ھن شھر ۾ گھڻي کان گھڻا ڏينھن گذارڻ جا جتن ڪري رھيو ھو پر شھر جي انتظاميه رھائش ۽ سياحن جي آمد کي ڏسندي،  رڳو ٻن يا ٽن ڏينھن لاءِ ترسڻ جي اجازت ڏئي رھيا ھئا. اتي اھي ٻه ڏينھن جيڪي اسان گھمندي ڦرندي ۽ فوٽوگرافي ڪندي گذاريا، پوري زندگيءَ لاءِ منھنجي انسپائريشن جو ذريعو رھڻ وارا ڏھاڙا ٿي رھڻ وارا آھن. کوڙ دفعا ڦيري ٻيڙين ۾ چڙھي اسان گھري پاڻين جون چڪر به ھڻي آياسين ۽ ھڪ چھچ نيري سمنڊ جو ويجھي ۽ پڻ پَري کان من لُڀائيندڙ منظرَ اکين ۾ اِسٽل ڪري ڪوالا لمپور موٽي آياسين.