ڳڙھي ياسين (رپورٽ: حزب الله پيرزاده) ڳڙھي ياسين ڀرسان  موٽرسائيڪل ۽ تيز رفتار سوزڪي ۾ ٽڪر، پيءُ پٽ سميت 3 ڄڻا فوت،  ڊرائيور  گرفتار، ان ڏس ۾  ڳڙھي ياسين جي ڳوٺ ٻانڀيھڙ جا رھواسي  3 ڄڻا موٽرسائيڪل تي شڪارپور وڃي رھيا ھئا ته لاڙڪاڻي_ شڪارپور انڊس هاءِ وي  ڳوٺ وڪڙ وٽ موٽرسائيڪل ۽ تيز رفتار سوزڪي ۾  ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ نادر حسين مھر ۽ سندس   7 ورهين جو پٽ  فرمان علي مھر ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته نواب مھر سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع تي  پوليس ۽ مھر برادري جي ماڻھو واقعي واري ھنڌ پھچي ويا، پوليس سوزڪي کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي سوزڪي ڊرائيور نياز اوڍو کي گرفتار ڪري ورتو، جڏھن ته نواب علي مھر جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ ڪري لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته زخمن جا سور نه سھندي رستي ۾ نوجوان دم ڏئي ڇڏيو. اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد ٽنهي فوتين جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.