ڳيريلي ۾ بيواھ ڀينرن جو پيءُ جي ملڪيت مان حصو نه ملڻ خلاف احتجاج

0
192

ڳيريلو (ن پ ا) ڳيريلو ۾ بيواھ پيرسن ڀينرن جو پيءُ جي ملڪيت مان حصو نه ملڻ خلاف نيشنل پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو،ڳوٺ عمرڀيو واسي پيرسن بصران خاتون ۽ جوائي خاتون ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو آهي ته اسان جي پيءُ مرحوم فريد سنجراڻي فوت ٿيڻ بعد هڪ جڳھ ۽ ڪجهه زرعي زمين ورثي ۾ ڇڏي آهي

اسين ٽي ڀينر ۽ٻه ڀائر قانوني حصيدار آهيون پر هن وقت اسان جي مرحوم ڀاءُ روشن علي جي پٽ ذوالفقار علي ڳجهه ڳوه ۾ اسان جي حصي جي جڳھ  ڀڳڙن مٺ ۾ هڪ بااثر رستم سنجراڻي کي  وڪرو ڪري ڏني آهي

اسان اهڙي دانهن حد جي پوليس ۽ تر جي چڱن کي ڏئي چڪا آهيون پرهن وقت تائين ڪنهن به دادرسي ڪندي تدارڪ ناهي ڪيو. اسان کي پنهنجي جڳھ بااثر کان واپس ڏياري انصاف ڪيو وڃي.