گورنر پنجاب جي مامري تان صدر ۽ وزير اعظم آمهون سامهون

0
197
گورنر پنجاب جي مامري تان

اسلام آباد: پنجاب ۾ گورنر جي تبديلي تي صدر ۽ وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر آمهون سامهون ٿي ويا آهن، صدر عارف علوي پنجاب جي گورنر کي هٽائڻ واري سمري منظور ڪرڻ کان انڪار ڪندي وزيراعظم ڏانهن جوابي خط اُماڻي ڇڏيو

وزيراعظم شهباز شريف ڏانهن اُماڻيل جواب ۾ صدر چيو آهي ته ملڪي حالتن جي گهرج آهي ته پنجاب جو موجوده گورنر عهدي تي موجود رهي

صدر خط ۾ چيو  آهي ته آئين تحت صدر جي راضپي تائين گورنر عهدي تي برقرار رهندو، وزيراعظم گورنر جي تبديلي بابت سمري تي نظرثاني ڪري

خط موجب پنجاب ۾ غيرقانوني قدمن سان سنگين مسئلا پيدا ٿيا آهن،گورنر جي رپورٽ موجب وڏ وزارت جي چونڊ ۾ وفاداريون تبديل ڪيون ويون

ھي به پڙھندا

پي ٽي آءِ ايم اين اي عالمگير خان خلاف بغاوت جو ڪيس داخل