ڪراچي(انٽرسٽنگ نيوز) انٽرنيٽ تي هنن ڏينهن ۾ هڪ گهوٽ جا چرچا ٿي رهيا آهن جنهن پنهنجي سس کي پرفيوم مان تنگ اچي هن کي شادي تقريب ڇڏي وڃڻ لاءِ چئي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب 22 سيپٽمبر تي ويب سائٽ ريڊٽ تي هڪ واهپيدار طرفان پوسٽ ڪيل وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته مان شادي ڏينهن سس کي شادي ڇڏي وڃڻ لاءِ چيو ڇوته هن جو پرفيوم مونکي پريشان ڪري رهيو هو. واهپيدار لکيو منهنجي زندگي جي خاص ڏينهن تي ان پرفيوم جي خوشبو منهنجي مٿي ۾ سور ڪري رهي هئي، هر هر مونکي ڇڪون اچي رهيون هيون ۽ اکين مان پاڻي وهڻ لڳو هو، منهنجي گهڻي خراب حالت ان وقت ٿي جڏهن سس مونکي ڀاڪر پاتو. گهوٽ موجب ان پرفيوم سبب منهنجو اتي بيهڻ مشڪل ٿي ويو ان لاءِ مان وچ فوٽو سيشن مان هليو ويس جنهن تي منهنجي ڪنوار پنهنجي والده کي مونکان پري رهڻ جو مشورو ڏنو. ريڊٽ پوسٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ان کانپوءِ به منهنجي مٿي ۾ سور برقرار رهيو ته مان پنهنجي سس کي ڪپڙا مٽائڻ جو چيو ۽ اهو به چيو ته جيڪڏهن اها اهو نٿي ڪري سگهي ته شاديءَ تقريب مان ئي هلي وڃي.