گهوٽڪي ۾ پ پ اميدوارن خالد لنڊ ۽ باري پتافي وچ ۾ اختلاف کلي ڪري سامهون اچي ويا

0
84
گهوٽڪي ۾ پ پ اميدوارن خالد لنڊ ۽ باري پتافي وچ ۾ اختلاف کلي ڪري سامهون اچي ويا
گهوٽڪي ۾ پ پ اميدوارن خالد لنڊ ۽ باري پتافي وچ ۾ اختلاف کلي ڪري سامهون اچي ويا

گهوٽڪي ۾ قومي ۽ صوبائي تڪن تي پيپلزپارٽي جي اميدوارن خالد احمد لنڊ ۽ باري پتافي وچ ۾ اختلاف کلي ڪري سامهون اچي ويا

قومي تڪ اين اي 198 تي پ پ اميدوار خالد لنڊ پاران صوبائي تڪ پي ايس 19 تي آزاد اميدوار نادر اڪمل لغاري جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو ويو آهي

جلسي کي خطاب ڪندي خالد احمد لنڊ چيو ته پي ايس 19 تي نادر اڪمل لغاري جي ڀرپور حمايت ڪيان ٿو، ڪنهن کي شڪايت ڪرڻي آهي ته ڀلي ڪري

خالد احمد لنڊ چيو ته قيادت کي پاڻ ئي جواب ڏيندس، ووٽ هٿ جوڙي وٺبا آهن ڪنهن کي داٻي ۾ ووٽ نه ڏينداسين، پارٽي قيادت خالد احمد لنڊ کي پي ايس 19 تي پ پ اميدوار باري پتافي جي حمايت لاءِ چيو هو