گهوٽڪي: شادي جي اجازت گهرڻ تي عورت پاران مبينا آپگهات، قتل جا به افواهه

0
204
گهوٽڪي: شادي جي اجازت گهرڻ تي عورت پاران مبينا آپگهات، قتل جا به افواهه
گهوٽڪي: شادي جي اجازت گهرڻ تي عورت پاران مبينا آپگهات، قتل جا به افواهه

گهوٽڪي(ن پ ا) گهوٽڪي ڀرسان مڙس پاران ٽيئن شادي ڪرڻ جي اجازت گهرڻ تي عورت پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي.

گيمڙو ٿاڻي جي حد ۾ ڊرمڻ لولائي ۾ مڙس ڪنبير لولائي پاران ٽيئن شادي ڪرڻ جي اجازت گهرڻ تي سندس گهرواري مسمات سهجهان لولائي پاڻ مٿان بندوق جا فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا عورت جو لاش سول اسپتال گهوٽڪي پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي وارثن حوالي ڪيو.

رابطو ڪرڻ تي گيمڙو پوليس ٻڌايو ته عورت سهجان لولائي جو مڙس ڪنبير لولائي ٽيئن شادي ڪرڻ پئي چاهي جنهن تي گهرواري ناراض ٿي پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري خودڪشي ڪئي، پر معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

ذريعن موجب ته عورت سهجهان لولائي کي مڙس ڪنبير لولائي ٽيئن شادي جي اجازت نه ڏيڻ تي بندوق جو فائر ڪري قتل ڪيو آهي پر گيمڙو ٿاڻي جو ايس ايڇ او زاهد ميراڻي جوابدار کان مبينا طور رشوت معاملي کي خودڪشي جو جواز ڄائي معاملي کي دٻائي رهيو آهي.