گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ صنم جاويد پاران چونڊن تان هٿ کڻڻ جو اعلان

0
70
گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ صنم جاويد پاران چونڊن تان هٿ کڻڻ جو اعلان
گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ صنم جاويد پاران چونڊن تان هٿ کڻڻ جو اعلان

لاهور (م ڊ) زمان پارڪ ۾ پوليس تي تشدد جي ڪيس ۾ آزادي کانپوءِ هڪٻئي ڪيس ۾ گرفتار ٿيندڙ صنم جاويد اين اي 119 تان چونڊ نه وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

تحريڪ انصاف اڳواڻ صنم جاويد طرفان اين ايم 119 تان چونڊ نه وڙهڻ جي فيصلي جي تصديق سندس ڀيڻ فلڪ جاويد سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي ڪئي

صنم جاويد جي ڀيڻ ايڪس تي جاري ڪيل پيغام ۾ ٻڌايو ته صنم جاويد تڪ اين اي 119 ۾ چونڊ تان هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. واضح رهي ته لاهور جي تڪ اين اي 119 تان ن ليگ نائب صدر مريم نواز عام چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي

ياد رهي ته ڪالهه صنم جاويد کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان زمان پارڪ تي پوليس آپريشن ۾ تشدد جي ڪيس ۾ ضمانت منظور ٿيڻ کانپوءِ داخل هڪ ٻئي دهشتگردي جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو