ڪيس نه هلڻ لاءِ ڪورونا جو ڊرامو ڪيو پيو وڃي: ام رباب

0
364
اسٽينڊنگ ڪميٽي اجلاس ۾ اُم رباب

دادو (ن پ ا) دادو جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي پيءُ مختيار، ڏاڏي ڪرم الله ۽ چاچي ڪابل چانڊيو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ام رباب چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته سردار چانڊيو ٻڌڻي دوران عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جنهن جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته ايم پي اي سردار چانڊيو کي ڪرونا وائرس ٿيو آهي ان ڪري عدالت ۾ پيش ناهي ٿي سگهيو، جنهن بعد عدالت ايندڙ ٻڌڻي 22 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چيو ته ڪڏهن برهان کي ڪرونا ٿئي ٿو ته ڪڏهن سردار چانڊيو کي ته پوء رپورٽ عدالت ۾ ڇو نه ٿا پيش ڪن، اصل ۾ سردار چانڊيو وارا ڪيس هلڻ نه ٿا ڏين ڪڏهن ڪو بهانو ڪيو ٿو وڃي ڪڏهن ڪو ڊرامو رچايو پيو وڃي.