ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ اعتراض جوڳيون وڊيوز رڪارڊ ڪري بليڪ ميل جو شڪار ليڊي پوليس اهلڪار انيلا ٿيٻو ايس يس پي ڄامشورو کان نا اميد ٿي انصاف لاءِ عدالت پهچي وئي، جتي هن وڪيل ثمينا آرائين ۽ طاهره ناريجو جي معرفت جوابدارن مٿان ايف آء آر داخل ڪرائڻ لاء درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ڄامشوري جي ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي عدالت ۾ وڪيلن پاران اي 22 جي درخواست جمع ڪرائي وئي، عدالت ايس ايس پي ڄامشورو آفيس جي ڊي ايس پي ايڊمن فاروق لاکير، اي آء جي آفيس حيدرآباد جي وومين ڪمپلينٽ سيل جي انچارج ريحانا لغاري، جوابدار احسان جتوئي ۽ سندس ٽن مامن کي 28 جون تي جواب لاء طلب ڪري ورتو. فريادي پوليس اهلڪار عورت انيلا ٿيٻو درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته جوبدار احسان جتوئي ۽ سندس ٽن مامن نشو ڏئي زيادتي ڪري وڊيوز ڀري ۽ ٽن سالن تائين بليڪ ميل ڪري پئسا ورتا ۽ مسلسل زيادتي ڪندا رهيا. ايس ايس پي ڄامشورو مان انصاف جي اميد ناهي، انڪوائري آفيسر جيڪو ايس ايس پي آفيس ۾ ڊي ايس پي ايڊمن پڻ آهي تنهن آفيس ۾ تذليل ڪئي. اي آء جي آفيس جي انچارج وومين ڪمپلينٽ سيل جي انچارج ريحانا لغاري آفيس سڏائي ٿڦڙون هنيون ۽ پوليس يونيفارم ۾ گوڏن ڀر ويهاري معافي وٺرائي وڊيوز ڀريون. ان موقعي تي انيلا ٿيٻو جي ڪيس کي انساني بنياد ناتي مفت ۾ پيروي ڪندڙ وڪيلن ثمينا آرائين ۽ طاهره ناريجو جو چوڻ هو ته پوليس پنهنجي ئي ڊپارٽمينٽ جي اهلڪار جي جائز مدد ڪرڻ بدران جوابدار جي ونگار وهي رهي آهي. هنن چيو ته عورت سان انصاف نه ٿيو ته هاء ڪورٽ جو در به کڙڪايو ويندو.