صدرجي ڀٽيون (ن پ ا) صدرجي ڀٽيون ۾ نوجوان عبدالرزاق پٽ علي گوهر ڪلهوڙو مبينا طور وياجين کان تنگ اچي زهريلي دوا پي ڇڏي، جنهن کي وارث اسپتال کڻائي ويا، نوجوان جي مامي بهادر ڪلهوڙو جو چوڻ هو ته ڀاڻيجي عبدالرزاق ڪجهه موبائل قسطن تي ورتا هئا، جن جا مٿس 8 لک رپين کان وڌيڪ رقم مڙهي وئي ۽ سندس گهر تي پوليس موڪلي وئي، ڀاڻيجو پريشاني کان تنگ اچي وونئڻن واري دوا پي ڇڏي، جنهن کي اسپتال کڻائي وياسين جتي سندس حالت هاڻي سڌرندڙ آهي.