ڪن کولي ٻڌئو، فيصلا ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي: پي ٽي آءِ

0
167
اسد عمر، علي زيدي، عمر ايوب
ڪن کولي ٻڌئو، فيصلا ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي: پي ٽي آءِ

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي اڳواڻن چيو آهي ته فيصلي سازي وارا ڪن کولي ٻڌن، فيصلا ڪرڻ جو وقت اچي ويو، هاڻي فيصلا نه ڪندئو ته تاريخ توهان کي معاف نه ڪندي

اسد عمر، علي زيدي، عمر ايوب ۽ ٻين گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي

پي ٽي آءِ اڳواڻن چيو آهي ته عمران خان جي زندگي کي خطرو آهي، کيس سيڪيورٽي ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي

هنن چيو ته عمران خان کي ڪجهه به ٿيو ته ڪير به حالتون ڪنٽرول نه ڪري سگهندو، حڪمرانن جي نااهليءَ سبب ملڪي معيشت تباهي ڪناري تي پهچي وئي

پي ٽي آءِ اڳواڻن چيو ته معيشت هلائڻ مفتاح اسماعيل جي وس جي ڳالهه ناهي، نين چونڊن جي اعلان سان افراتفري جو ماحول ختم ٿي ويندو