ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ 20 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل نينگر سهيل ڀٽو راڄوڻي ڪوششن سان گهر پهچي ويو. نينگر کي ڌاڙيلن گهر ٻاهريان راند کيڏندي اغوا ڪري فرار ٿي ويا هئا ۽ معصوم نينگر 20 ڏينهن تائين ڌاڙيلن جي قيد هيٺ هيو.نينگر جي بازيابي لاءِ وارثن پوليس عملدارن ۽ چڳن مڙسن رابطا ڪيا هئا. ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته معصوم نينگر جي وارثن پاران راڄوڻي طريقي سان نينگر کي بازياب ڪرايو آهي.معصوم نينگر جي گهر پهچڻ تي خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آهي.