ڪنهن سياستدان يا اداري جي فرد وسيلي ڳالهيون نه پيون ٿين: پي ٽي آءِ جي وضاحت

0
17
ڪنهن سياستدان يا اداري جي فرد وسيلي ڳالهيون نه پيون ٿين: پي ٽي آءِ جي وضاحت
ڪنهن سياستدان يا اداري جي فرد وسيلي ڳالهيون نه پيون ٿين: پي ٽي آءِ جي وضاحت

پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته ڪنهن سياستدان يا اداري جي فرد وسيلي ڳالهيون نه پيون ٿين، اسان مزاحمت نٿا ڪريون ۽ مفاهمت کان به انڪار نه پيا ڪريون، ڪي به ڳجهيون ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، ڳجهيون ڳالهيون ٿيون ته آگاهه ڪيو ويندو

هن چيو ته اڊيالا جيل ۾ 14 ڪلاڪ ٻڌڻي دوران اسان کي ثبوت ڏيڻ جو موقعو نه مليو

هڪ سوال جي جواب ۾ بئريسٽر گوهر چيو ته بشريٰ بيبي جي ميڊيڪل ٽيسٽ بابت کين ڪجهه به نه ٻڌايو ويو آهي، بشريٰ بيبي کي مبينا زهر ڏيڻ بابت ٽيسٽ رپورٽس اڃا اچڻيون آهن