ڪنب (ن پ ا) ڪنب لڳ درگاھ غلام شاھ بخاري سھولتن کان وانجھيل، چوديواري نه ھجڻ ڪري قبرن بي حرمتي معمول بڻجي وئي، جي عقيدتمندن جو  احتجاج. رپورٽ موجب ڪنب ويجهو يونين ڪائونسل ٻاڦو ۾ درگاهه غازي غلام شاھ بخاري جي قبرستان کي چوديواري نه ھجڻ ڪري رولو جانورن جي بغير روڪ ٽوڪ اچ وڃ جاري رهي ٿي، جنهن ڪري قبرن جي بي حرمتي معمول بڻيل آھي. درگاهه جي متولي فقير ڪجل خان سومري، شان فقيرلاشاري، پياس علي، ديوان چانڊيو ۽ ٻين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته قبرستان کي چوديواري نه ھجڻ ڪري رولو جانورن جي لتاڙ وڌي وئي آهي. هنن ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته درگاهه غازي غلام شاه بخاريءَ جي قبرستان کي فوري طور چوديواري ڏياري وڃي.