ڪشمور: آپگهات يا قتل، ڊاڪٽر جو گهر مان لاش هٿ

0
552

ڪشمور (ن پ ا) سول اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر قادر نواز جکراڻي جو پنهنجي گهر جي ڪمري مان ڳچي ۾ رسو ٻڌل لاش مليو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته ڪشمور آرڊي 82 پل ڳوٺ احساق جکراڻي جي رھواسي ڊاڪٽر قادر نواز جکراڻي جو ذھني توازن ڪجهه ڏينهن کان خراب ٿيو ھو، گذريل رات نوجوان ڊاڪٽر مبينا خودڪشي ڪري پنهنجي زندگي جو ڏيئو اوجھائي ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ ڪيون پيا ته واقعو آپگهات جو آهي قتل جو.