ڪرونڊي (ن پ ا) ڪرونڊي ڀرسان فيض گنج ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪاٺڙي  ۾  هڪ جريب پلاٽ جي مالڪي تان راڄپر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ ڪري جان محمد راڄپر، علي مدد، لحاظ علي راڄپر، مسمات کير ڀري راڄپر ۽ رياض احمد ، جابر حسين راڄپر زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف 12 ڄڻن تي جھيڙي اين سي داخل ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو.