ڪراچي: 70 ورھين جي شخص جا ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ واري ڪيس ۾ نئون موڙ اچي ويو

0
1023

ڪراچي: ڪراچي جي صدر واري علقئي ۾ قتل جي ھانءُ ڏاريندڙ واردات ۾ نئون موڙ آيو آھي، پوليس موجب صبح جو سوير ھڪ شھري کي رستي تي انساني ھٿ مليو، جنھن تي ھُن پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس ڪارروائي ڪندي گھر جو تعين ڪيو، جتي ھڪ عورت لاش جي ڪجھ ٽڪرن سان گڏ سُتل ھئي ۽ ھُن جي ڪپڙن تي رت لڳل ھئي

پوليس جو چوڻ آھي تھ جڏھن گھر جي تلاشي ورتي وئي تھ گھر جي مختلف حصن مان بھ ڪجھ انساني عضوا برآمد ٿيا ۽ ڪجھ اوزار بھ مليا، جنھن بعد عورت کي گرفتار ڪيو ويو

پوليس موجب، عورت جي سڃاڻپ رباب جي نالي سان ٿي آھي ۽ مقتول جي عمر 70 سال ھئي، جڏھن تھ حراست ۾ ورتل عورت نشي جي حالت ۾ ھئي، پوليس موجب، شروعاتي بيان ۾ عورت مقتول کي پنھنجو مڙس ٻڌايو ھو، نشي جي حالت کان ڪجھ ٻاھر اچڻ بعد عورت مقتول کي پنھنجو ڀيڻيوو ٻڌايو ۽ ھن جو چوڻ ھو تھ مقتول ان کي تشدد جو نشانوبڻائيندو ھو، گھروارن کي طعنا ڏيندو ھو، جڏھن تھ مقتول آئس جي نشي جو عادي ھو، جنھن جي ڪري جوابدار عورت بھ آئس جي نشو ڪرڻ لڳي ھئي

ڪراچي ۾ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو

عورت جو چوڻ ھو تھ گھر ۾ مقتول سان معمولي تڪرار ھلندو رھندو ھو، جنھن کانپوءِ ھُن جي مٿي ۾ پڪڙ ھنئي ۽ ھو بيھوش ٿي ويو، مقتول کي بيھوشي حالت ۾ ئي قتل ڪيو ۽ لاش جا ٽڪرا ٽڪرا ڪيا

پوليس جو چوڻ آھي تھ مقتول ۽ عورت ڏيڍ سال اڳ بھ ٿاڻي ۾ آيا ھئا ۽ ھنن جي وچ ۾ جھيڙو ٿيو ھو، جنھن تي پوليس ٻنھي جو ٺاھ ڪرايو ھو

ٻئي پاسي مقتول جو ھڪ پٽ بھ منظرعام تي اچي ويو آھي، جنھن دعويٰ ڪئي آھي تھ عورت ۽ مقتول پاڻ ۾ زال مڙس ھئا، جيڪي 6، 7 سالن کان گڏ رھي رھيا ھئا، عورت جو چوڻ ھو تھ مقتول ڊاڪٽر ھو ۽ منھنجو مڙس نھ پر ڀيڻيوو ھو، پوليس جو چوڻ آھي تھ وڌيڪ جاچ ڪريون پيا، واقعو خوفناڪ آھي