مهانگائي کي مڃڻ کان انڪاري حڪمران

0
278
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

 جڏهن ڪنهن مسئلي کي مڃبو ئي نه، ته ان کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيئن ڪبي؟ ان رويئي کي حقيقت کان منهن موڙڻ چئبو آهي، جنهن جو شڪار اڄڪلهه اسان جا حڪمران آهن. خير اها روش ته هر دور جي حڪمرانن جي هوندي آهي ته اهي ڪنهن به مسئلي کي مسئلو مڃيندا ئي ناهن، جنهن ڪري شيون خراب ٿينديون وينديون آهن ۽ پوءِ اهي حل ڪرڻ لائق به نه رهنديون آهن. جيڪڏهن شروع ۾ ئي حقيقت کي مڃي انهي تي ڌيان ڏنو وڃي ته معاملا ايترا خراب نه ٿي سگهن جو انهن کي حل نه ڪري سگهجي. هن وقت جيڪو ملڪ جو سڀني کان وڏو ۽ اهم مسئلو آهي اهو مهانگائي  آهي پر جڏهن حڪمران ان حقيقت کي مڃڻ کان ئي عاري هجن ته اهي انهي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪهڙا قدم کڻندا. جنهن ڪري نه مهانگائي تي حڪمران ڌيان پيا ڏين نه ئي اهو مسئل حل ٿيندو نظر اچي رهيو آهي.

ٻه ڏينهن اڳ ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل هڪ سروي رپوروٽ جاري ڪئي جنهن ۾  92 سيڪڙو ماڻهن جو خيال هو ته مهانگائي پنهنجي بلند ترين سطح تي پهتل آهي جڏهن ته ان ئي ڏينهن وزيراعظم پشاور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چئي رهيو هو ته پاڪستان دنيا جو سڀ کان سستو ملڪ آهي ۽ هتي ايتري مهانگائي ناهي. هاڻي انهن ٻنهي ڳالهين کي سامهون رکجي ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڪهڙي ڳالهه تي اعتبار ڪجي. هڪ طرف عوامي راءِ آهي جنهن جو سڌو سنئون روزمرهه جي ڪاروهنوار سان واسطو آهي، ٻئي طرف ملڪ هلائيندڙ وزيراعظم آهي جنهن جو شايد سڌو واسطو نه هجي پر کيس ملندڙ بريفنگس ۾ ٻڌايو ويوندو هوندو ته مهانگائي جي ملڪ ۾ ڇا صورتحال آهي. اسان جي وزيراعظم تي هونئن به اوور سيز جو گهڻو اثر آهي شايد وزيراعظم ڊالرن ۾ ڪمائيندڙ ملڪن جي ڀيٽ اسان جي ملڪ جي مهانگائي سان ڪري رهيو آهي ڇاڪاڻ ته جيڪي ماڻهو ڊالرن ۾ ڪمائين ٿا انهن لاءِ پاڪستان واقعي سستو آهي پر جيڪي هتي ڏهاڙي پنج سئو رپيا ڪمائين ٿا اهي ڪيئن گذارو ڪندا هوندا؟ اهو سوچي ئي ڏوهه  ڏڪي ٿا وڃن.

ڇا اسان جا حڪمران عوام کان ايترو وٿيرڪا آهن جو کين سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته جتي اٽو 60 کان 70 رپيا ڪلو ملندو هجي، جتي کنڊ 100 رپين کان مٿي في ڪلو هجي، جتي پيٽرول جو في ليٽر ذري گهٽ ڏيڍسئو رپيا هجي اتي 5 سئو رپيا ڪمائيندڙ پورهيت پنهنجي ڇهه ڀاتين تي ٻڌل خاندان جو ڪيئن ته گذارو ڪري سگهندو هوندو، جو هن ملڪ جي وزيراعظم کي ملڪ دنيا جي ڀيٽ ۾ سستو ٿو لڳي. جيڪڏهن ملڪ ۾ ايتري سستائي آهي ته هي جيڪي 92 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو چئي رهيا آهن ته مهانگائي پنهنجي بلند ترين سطح تي پهتل آهي اهي ڪهڙي خطي جي ڳالهه ڪري رهيا آهن.؟ وزيراعظم صاحب شايد ان 8 سيڪڙو ماڻهن جي نمائندگي ڪندي چئي رهيو آهي جيڪي سمجهن ٿا ته ملڪ سستو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي  ڊالرن ۾ ڪمائين به ٿا ته ڊالرن ۾ خرچ به ڪن ٿا. جڏهن اهي  ڊالرن ۾ ڪمائي پاڪستان ۾ رپئي ۾ خرچ ڪن ٿا تڏهن هي ملڪ کين دنيا جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سستو ٿو لڳي پر جيڪي رپئي ۾ ڪمائين ٿا ۽ اهو به 500 رپيا ڏهاڙي ته  انهن لاءِ هن ملڪ ۾ مهانگائي ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي .

اسان سمجهون ٿا ته حڪمرانن جو حقيقت نه مڃڻ وارو رويو ئي عوام کي وڌيڪ عذاب ڏئي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته مهانگائي جي حقيقت کي جڏهن حڪمران مڃيندا ئي ڪونه ته ان کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڇو ڪي پاليسيون جوڙيندا يا قدم کڻندا ؟تنهن ڪري حڪمرانن کي عوام جي دردن جو احساس ڪري  ڪامورڪي بريفنگس بدران زميني حقيقتن جو جائزو وٺڻ گهرجي ته ڪيئن مهانگائي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪيو آهي.