ڪراچي ۾ 2 شاديون ڪرڻ بعد نوجوان سمنڊ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو

0
95
ڪراچي ۾ 2 شاديون ڪرڻ بعد نوجوان سمنڊ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو
ڪراچي ۾ 2 شاديون ڪرڻ بعد نوجوان سمنڊ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ۾ 2 شاديون ڪرڻ بعد گهرو پريشانين جي ور چڙهيل نوجوان مبينا طور سمنڊ ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو

پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن پاران سمنڊ ۾ مبينا طور ٽپو ڏيندڙ نوجوان طاهر محمود جي ڳولا جاري  آهي

پوليس موجب وارثن جو چوڻ آهي ته طاهر محمود جون 2 شاديون ٿيل آهن، نوجوان رات پنهنجي هڪ گهرواري کي فون ڪري چيو ته آپگهات ڪري رهيو آهيان

پوليس جو چوڻ آهي ته ٿي سگهي ٿو ته نوجوان گهر واري کي ڊيڄارڻ لاءِ آپگهات جو چئي ٻئي پاسي نڪري ويو هجي

پوليس موجب معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، نوجوان طاهر محمود آن لائين ٽيڪسي هلائيندو آهي، سندس گاڏي سمنڊ ڪناري هٿ آئي