ڪراچي ۾ ٽريني پوليس اهلڪارن کي بغيرگولين جي هٿيار ڏئي ڊيوٽي وٺڻ جو انڪشاف

0
182
ڪراچي: منگهو پير واري علائقي مان ٻن ڄڻن جا هٿ ٻڌل لاش هٿ
ڪراچي: منگهو پير واري علائقي مان ٻن ڄڻن جا هٿ ٻڌل لاش هٿ

ڪراچي ۾تازو ڀرتي ٿيڻ بعد ٽريننگ ڪندڙ پوليس اهلڪارن کي بغيرگولين جي هٿيار ڏئي ڊيوٽي وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

ٽريننگ سينٽرن ۾ آيل پوليس اهلڪارن جي شڪايتن واري وڊيو وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ اهلڪار چئي رهيا آهن ته اسان کي هٿيار ڏئي ڊيوٽي تي اماڻيو وڃي ٿو پر هٿيارن سان گڏ گوليون نه آهن

اهلڪار چئي رهيا آهن ته اوچتو ڏوهارين سان مقابلو ٿي وڃي ته اسان ڪيڏانهن وينداسين، هٿيار خالي آهن، گوليون نه  آهن، اسان کي هٿيار  هلائڻ به نٿو اچي

اهلڪارن موجب گلبرگ ٿاڻي وارا 12 – 12  ڪلاڪ ڊيوٽي وٺن ٿا، هٿيار ڏنا اٿن، جيڪي هلائڻ نٿا اچن، گوليون به نٿا ڏين، نوٽيس وٺي مسئلا حل ڪرايا وڃن

هن کي به پڙهندا

وڏي وزير ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ جديد هٿيار خريد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

سنڌ مان کنڊ، ڪڻڪ، اٽو ۽ يوريا ڀاڻ افغانستان اسمگل ٿيڻ جو انڪشاف

منشيات فروشن خلاف ايڪشن: ايس ايچ اوز جي به شامت اچي وئي