ڪراچي ۾ شھرين کي يرغمال بڻائي ڦرلٽ ڪندڙ گينگ گرفتار

0
167
ڪراچي ۾ شھرين کي

ڪراچي: ملير پوليس ڪارروايون ڪندي هاءِ ويز تي ڦر واقعن ۾ ملوث 4 رڪني گينگ کي گرفتار ڪري ورتو آهي

پوليس موجب ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري هاءِ وي تي ڦر جي وارداتن ۾ ملوث ڪرولا گينگ جي 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آھي

ايس ايس پي ملير جو چوڻ هو ته جوابدار هڪ پيٽرول پمپ ۽ هاءِ وي تي ٽڪ شاپ تي ڦر جي 20 وارداتن ۾ ملوث هئا، جن جي قبضي مان 4 پستول ۽ هڪ ڪار هٿ ڪئي وئي آهي

پوليس موجب گرفتار جوابدارن ۾ شاهه نواز عرف شانو، رفيق عرف رد، ڪشور عرف صدام شامل آهن جن جو ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي جڏهن ته جوابدارن جي ٻين ساٿين جي ڳولا لاءِ سڄي سنڌ ۾ ڇاپا هنيا پيا وڃن

ھي به پڙھندا 

ڪراچي: پوليس مقابلو، هڪ ڦورو ۽ هڪ واٽهڙو شهري مارجي ويا