ڪراچي ۾ اڳوڻي جج جي پٽ تي قاتلاڻو حملو

0
289

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي گذري واري علائقي خيابان راحت ۾ مرحوم جج سعيد الزمان صديقي جي پُٽ بئريسٽر افنان تي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ هو معجزاڻي طور بچ ويو، گوليون گھر جي ڀت کي لڳيون، موقعي تي پوليس پھچي شاھديون گڏ ڪري ورتيون، بئريسٽر افنان جو چوڻ آهي ته مون تي عرفان الله ڪنڊي حملو ڪرايو، عرفان الله ڪنڊي اڳ ۾ به حملا ڪري چڪو آھي، عرفان الله ڪندي اسان جي اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ موجود پراپرٽي تي قبضو ڪرڻ چاھي ٿو ۽ رات دير سان مون تي حملو ڪيو ويو، منھنجي گارڊن جوابي فائرنگ به ڪئي، سنڌ حڪومت نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪري.