ڪراچي: ايئرپورٽ سميت اهم شاهراهن تي احتجاج تي لاڳو پابندي ۾ واڌ

0
224

ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ وڏين قومي شاهراهن ، هوائي اڏن ۽ ريلوي اسٽيشنن تي احتجاج ۾ پابندي کي وڌيڪ ٻن مهينن لاءِ وڌائي ڇڏيو آهي. گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته صوبي جي اهم قومي شاهراهن ، ايئرپورٽس ۽ ريلوي اسٽيشنن تي احتجاج تي پابندي 60 ڏينهن لاءِ وڌائي وئي آهي. نوٽيفڪيشن بعد ، وڏي قومي شاهراهن تي ڌرڻن ۽ احتجاج تي پابندي 15 آگسٽ تائين لاڳو ٿيندي. گهرو کاتي مطابق ، سڃاڻپ ٿيل هنڌن تي ٽريفڪ کي روڪڻ به ڏوهه هوندو ، جڏهن ته بس ڊپو ، يونيورسٽي روڊن ۽ صنعتي علائقي جي روڊن تي احتجاج به ممنوع هوندو.