کپرو واسي جي تيار ڪيل سنڌي شارٽ فلم برطانيا فلم فيسٽيول ۾ ڏيکاري ويندي

0
321
کپرو واسي جي تيار ڪيل سنڌي شارٽ فلم برطانيا فلم فيسٽيول ۾ ڏيکاري ويندي
کپرو واسي جي تيار ڪيل سنڌي شارٽ فلم برطانيا فلم فيسٽيول ۾ ڏيکاري ويندي

کپرو(شوبز نيوز) کپرو واسي نوجوان جي ڊائريڪشن ۾ تيار ٿيل سنڌي شارٽ فلم پھريون ڀيرو برطانيا ۾ ٿيندڙ فلم فيسٽيول ۾ ڏيکاري ويندي

رپورٽ موجب برٽش ڪائونسل. يوڪي ايشين فلم فيسٽيول ۽ انڊس ويلي يونيورسيٽي جي گڏيل سھڪار سان کپرو واسي نوجوان ڊائريڪٽر ڪلديپ کتري جي ڊائريڪشن ۾ سنڌي شارٽ فلم “وچن” تيار ڪئي وئي آھي جنھن جي اسڪريننگ جي تقريب 12 اپريل تي انڊس ويلي يونيورسيٽي ڪراچي ۾ مقرر ڪئي وئي آھي ۽ اھا پھرين پاڪستاني سنڌي فلم آھي

جنھن جي 4 مئي کان 14 مئي تائين برطانيا جي شھر لنڊن ۾ منعقد ٿيندڙ يو ڪي ايشين فلم فيسٽيول ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي. فلم جي پروڊيوسر علينا رضوان ۽ اداڪارن ۾ طارق راجا. ثمينا نذير، زاره خان،فرخ ڀٽو ۽ ٻيا شامل آھن.فلم ڊائريڪٽر ڪلديپ کتري  کپرو جي صحافي ڏيون ڪمار کتري جو فرزند آھي