ڍڳو 40 گرام سون کائي ويو، مالڪياڻي جا مٿي تي هٿ

0
662

نئين دهلي (دلچسپ نيوز) ڀارت جي هڪ حيران ڪندڙ خبر آئي آهي، هڪ ڍڳي جنهن 40 گرام سون جا زيور کائي ڇڏيا آهن، ڍڳي جي مالڪ ڇيڻي وسيلي زيور ملڻ جي اميد ڪري ڇڏي آهي ۽ ان جي لاءِ عورت مالڪ ڏينهن رات لڳاتار ڪوششن ۾ مصروف آهي.ڀارتي ميڊيا موجب هرياڻا رياست جي علائقي ڪلنوائي ۾ واقعو پيش آيو جتي عورت 40 گرام سون جا زيور بي ڌياني ۾ ٿانو ۾ رکي ڇڏيا ۽ ڀاڄي ڪٽڻ شروع ڪري ڇڏي.عورت ڀاڄي مڪمل طور تي ڪٽڻ کانپوءِ ڀاڄي جو ڪچرو زيور واري ٿانو ۾ رکي ڇڏيو، جنهن جي ڪري ٿانو ۾ رکيل سون جا زوير ان ڪچري جي هيٺان دٻجي ويا.عورت ڀاڄي جي ڪچري وارو ٿانو ڍڳي آڏو وجهي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ڍڳو ڀاڄي سان گڏوگڏ 40 گرام سون جو زيور پڻ کائي ويو، ٿوري دير کانپوءِ عورت کي ٿانو ۾ زيور جو خيال آيو ته ڍڳي طرفان زيور کائڻ جو پتو پيو.جنهن کانپوءِ ٻنهي ڍڳي کي ڳوليو ۽ ڊاڪٽر وٽ وٺي ويا پر ڊاڪٽر ان حوالي سان ان جي ڪابه مدد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏي ته هن ڍڳي کي گهر جي ويجهو ئي ٻڌي ڇڏيو ۽ ان کي ڏاڍو کارائڻ پيارڻ شروع ڪري ڇڏيو.