ڊيرا اسماعيل خان ۾ چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي فائرنگ ۾ پاڪ فوج جا 3 جوان شهيد: آءِ ايس پي آر

0
165
دهشتگردن جي فائرنگ ۾ پاڪ فوج جا 3 جوان شهيد
ڊيرا اسماعيل خان ۾ چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي فائرنگ ۾ پاڪ فوج جا 3 جوان شهيد: آءِ ايس پي آر

ڊيرا اسماعيل خان ۾ چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي فائرنگ ۾ پاڪ فوج جا 3 جوان شهيد، فوج جي جوابي آپريشن ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن کوٽِي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو ته فورسز سگو جي علائقي ۾ آپريشن ڪيو، دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ شهيد ٿيلن  ۾ حوالدار اظهر اقبال، نائڪ محمد اسد ۽ سپاهي محمد عيسيٰ شامل

آپريشن دوران مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا، سگو ۾ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ آپريشن جاري آهي

دهشتگردن جي فرار ٿيڻ جا سمورا لنگهه بند ڪيا ويا آهن، پاڪ فوج دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي، جوانن جون قربانيون اِن عزم کي وڌيڪ سگهارو ڪن ٿيون