لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي واقعو: جوڊيشل ڪميشن جي سربراهه ڇهين ايڊيشنل اينڊ سيشن  جج سهيل پرويز قريشي آڏو بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ يونيورسٽي، ڪاليج، پوليس توڙي لاڳاپيل ڪو به عملدار يا عملو پيش نه ٿيو، جنهن سبب جوڊيشل انڪوائري 10 مئي تي ٻيهر ٿيندي. هوڏانهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي انتظاميه ۽ لاڙڪاڻو پوليس وچ ۾ اڍائي مهينن کان  هاسٽل ايندڙ ويندڙ 61 ڄڻن جا سيمپل نه ٿي سگهيا آهن ۽ نه ئي سنڌ کان ٻاهر فارنزڪ ليباريٽري موڪليل ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جي ڊي اين اي رپورٽ پڌري ٿي سگهي آهي.