ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي نجي اسپتال مان ٻارڙي جي اغوا واري واقعي ۾ ٻن جوابدارن جي بريت واريون  درخواستون رد بشريٰ  جي جسماني ريمانڊ ۾ 3 ڏينهن جي واڌ، ان ڏس ۾ ڪالهه جوڊيشل مئجسٽريٽ سينٽرل جي عدالت ۾ گلبرگ جي ميڊيڪل سينٽر مان اغوا ٿيل ٻارڙي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت 2 جوابدارن  وقاص ۽ شهزينه جي بريت جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون، جڏهن ته بشريٰ جي جسماني ريمانڊ ۾ 3 ڏينهن جي واڌ  ڪئي وئي. هن ڪيس ۾ گرفتار جوابدار حمير ۽ ڪنول جا بيان قلمبند ٿي چڪا آهن ، جن ڏوهه جو اعتراف ڪيو