ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ)ڊالر  ۾ لاٿ جاري، انٽر بينڪ ۾ 221.75 رپين تي پهتو، سون به 4300 رپيا سستو: ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 4300 رپيا لاٿ سان 148900 مان 144600 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 3 ڊالر اضافي سان  1712 ڊالر في آئونس تي پهتو، هوڏانهن چاندي 10 رپيا لاٿ سان 1580 مان 1570 رپيا ٿي وئي، هوڏانهن  ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ ڏيڍ رپيو لاٿ سان 227 مان 225.5  ۽ انٽر بينڪ ۾ 2.19 رپيا گهٽتائي سان 221.75 رپين تي پهتو هو، ٻئي طرف  پائونڊ 5 رپيا لاٿ سان 262.5 مان 257.5 ۽ يورو 20 پئسا واڌ سان 223 مان 223.2 رپيا ٿي ويا