ڊالر جي مٿانهين اڏام:287 رپين تي پهتو: سون 2300 رپيا سستو

0
216
ڊالر 25 پئسا مهانگو: سون ۾ 900 رپين جي واڌ
ڊالر 25 پئسا مهانگو: سون ۾ 900 رپين جي واڌ

ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر جي مٿانهين اڏام:287 رپين تي پهتي، سون 2300 رپيا سستو، ان ڏس ۾ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 2300 رپيا لاٿ سان 216500 مان 214200 رپيا في تولو ٿي ويو

جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 9 ڊالرن جي لاٿ سان 2003 ڊالر في آئونس تي پهتو، ٻئي طرف چاندي 10 رپيا لاٿ سان 2550 مان 2540 رپيا ٿي وئي

هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ ڏيڍ رپيو اضافي سان  285.5 مان 287 ۽ انٽر بينڪ ۾ 98 پئسا واڌ سان 285.29 رپين تي بند ٿيو، جڏهن ته پائونڊ 6 رپيا واڌ سان 351 مان 357  ۽ يورو 5 رپيا اضافي سان  304 مان 309 رپين تي پهتا هئا