ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر جي مٿانهين اڏام : اوپن مارڪيٽ ۾ 284.5 رپيا ٿي ويو: سون پڻ  197700 رپين تي پهتو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 197700 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون  23 ڊالرن جي لاٿ سان  1819 ڊالر في آئونس  تي پهتو، هوڏانهن چاندي 2240 رپين تي برقرار رهي، ٻئي طرف  ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ ساڍا 3 رپين جي اضافي سان 281 مان 284.5 ۽ انٽر بينڪ ۾ 3.17 رپين جي اضافي سان 282.29 رپيا ٿي ويو، هوڏانهن  پائونڊ 2 رپيا واڌ سان 332 مان 334 ۽ يورو 5 رپيا اضافي سان 292.5 مان 297.5 رپين تي پهتا هئا .