چريا نه آهيون جو جِن خلاف جدوجهد ڪئي، اُنهن سان ئي ڊيل ڪريون:مريم نواز

0
274
اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آھي تھ ڇو ڊيل ٿيندي ۽ ڪنهن سان ٿيندي؟ اسان چريا آهيون جو جِن خلاف جدوجهد ڪئي، اُنهن سان ئي ڊيل ڪريون، الله کي خبر آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت ڪڏهن ويندي، پر حڪومت وئي ته واپس نه ايندي، آزاد ڪشمير ۾ شفاف چونڊون ٿيون ته نواز ليگ ڳري اڪثريت سان ڪامياب ٿي ويندي، ووٽ چوري جي ڪوشش ڪئي وئي ته انتهائي اڳرا نتيجا ڀوڳڻا پوندا، عوام جي چوائس هجڻ گهرجي، اسٽيبلشمينٽ جي چوائس ڪابه معنيٰ نٿي رکي، عوام عمران خان جي صورت ۾ اسٽيبلشمينٽ جي چوائس جا نتيجا ڀوڳي چڪو آهي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته سوات ۾ پي ڊي ايم جي جلسي دوران شهباز شريف نواز ليگ جي نمائندگي ڪئي، نواز ليگ ۽ شريف خاندان ۾ ڪي به اختلاف نه آهن، شهباز شريف بابت شاهد خاقان جي بيان کي ٽروڙي مروڙي پيش ڪيو ويو: اسرائيل بابت سوال جي جواب ۾ مريم نواز چيو ته کيس لڳي رهيو آهي ته اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن.