ڄامشورو (رپورٽر) ڄامشوري ڀرسان ايم نائن موٽر وي تي قائم چانڊيا هوٽل تي پوليس چڙهائي ڪري ايس او پيز جي ڀڃڪڙي جي الزام هيٺ اڪبر پٺاڻ ۽ قمر ٿري کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، ٻي طرف پورهيتن جي گرفتاري خلاف هوٽل مالڪ حيات پٺاڻ سيشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پوليس بنا جواز ٻنهي نوجوانن کي گرفتار ڪري آزاد ڪرڻ لاءِ 30 هزار رشوت طلب ڪئي، نه ڏيڻ تان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، سيشن ڪورٽ جي جج هوٽل مالڪ حيات پٺاڻ جي درخواست تي دليل ٻڌڻ بعد پوليس عملدارن کي ڇنڊ پٽيندي ٻنهي ڄڻن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.