ڀوت گهر جو چيلينج قبوليو ۽ 30 لک انعام ڪمايو

0
485

نيويارڪ (دلچسپ نيوز) آمريڪا ۾ اهڙو ڀوت گهر ٺاهيو ويو آهي جنهن کي پار ڪرڻ ۾ 10 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت لڳندو آهي ۽ سمورا مرحلا پار ڪندڙ لاءِ 20 هزار ڊالر جو انعام رکيو ويو آهي.پوري دنيا ۾ ڀوت گهر تفريحي مقصدن لاءِ استعمال ٿيندا آهن جتي فنڪار خوفناڪ روپ اختيار ڪري اوهان کي ڊيڄارڻ يا رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر ان ئي ڪم کي ايندڙ درجي تائين هڪ ڀوت گهر ۾ پهچايو ويو آهي جنهن کي مڪ ڪيمي مينر جو نالو ڏنو ويو آهي.آمريڪا ۾ ناش ويلي ۽ هنٽس ويلي ۾ قائم ڀوت گهر جي مالڪن موجب ان ڀوائتي نگري کي بلڪل انساني نفسيات جي تحت ٺاهيو ويو آهي، ان جي مالڪ رس مڪ ڪيمي آهي جنهن گهر کان اندر سمورا مرحلا پار ڪندڙ بهادر لاءِ 30 لک روپين جو انعام رکيو آهي.ماهرن موجب هتي ايندڙ شخص جا اعصاب مضبوط هجڻ گهرجن ۽ ان جي عمر 21 سالن کان وڌيڪ الڳ شرط آهي، ٻئي طرف 40 صفحن جو هڪ فارم آهي جنهن کي پر ڪري اوهان پنهنجي ذميواري تي اندر داخل ٿيندو.