ڀارت ۾ 12 ڪلاڪن دوران 2 سياسي اڳواڻ قتل

0
838
ڀارت ۾ 12 ڪلاڪن

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ 12 ڪلاڪن دوران 2 سياسي اڳواڻن کي قتل ڪيو ويو، ڀارتي ميڊيا موجب بي جي پي اڳواڻ رنجيت سري نواسن کي ان جي رھائشگاھ تي قتل ڪيو ويو، ان کان اڳ ايس ڊي پي آءِ ليڊر ڪي ايس شان کي قتل ڪيوويو ھو

ڀارتي ميڊيا موجب ايس شان جي قتل جو الزام ان جي پارٽي ان تھاپسند تنظيم آر ايس ايس تي لڳايو ھو، جڏھن تھ پوليس امڪان ظاھر ڪيو آھي تھ بي جي پي ليڊر جو قتل ايس ڊي پي آءِ ليڊر جي قتل جو بدلو ٿي سگھي ٿو