ڀاتين سان پيار ڪندڙ قبيلو فوتين جي لاشن سان گڏ رهي ٿو

0
279

جڪارتا (دلچسپ نيوز) انڊونيشيا ۾ هڪ اهڙو عجيب قبيلو موجود آهي جيڪو پنهنجي مٽن مائٽن جي لاشن جي بيحرمتي ڪندو آهي، هو ماڻهن کي دفنائيندا ناهن پر خاص طريقي سان محفوظ ڪري گهرن ۾ رکندا آهن. انڊونيشيا جي ٻهراڙين ۾ رهندڙ اهو قبيلو اها روايت هر سال آگسٽ ۾ ملهائيندو آهي. جيڪو سولاويسي علائقي جي ڪجهه ڳوٺن ۾ ٿيندو آهي، هو پنهنجي ڪٽنب جي ماڻهن سان تمام گهڻو پيار ڪندا آهن ان ڪري کين هميشه لاءِ دفنائڻ کان اڳ ڪيترن ئي سالن تائين کين پاڻ سان گڏ رکندا آهن. آگسٽ ۾ لاشن جي صفائي جو پروگرام ٿيندو آهي جنهن ۾ سمورا ماڻهو پنهنجي پيارن جا لاش ڪڍي انهن سان ملندا آهن. ان ڏينهن تي هو پنهنجي مائٽن ۽ دوستن کي به سڏيندا آهن، سندن گهرن ۾ جشن ملهايو ويندو آهي هن وقت به اهو تهوار ملهايو پيو وڃي. ڪيميڪل لڳائي لاش کي محفوظ ڪرڻ کانپوءِ لاش کي خاندان ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. قبيلي ۾ ڪو ماڻهو مرندو آهي ته لاش دفن ناهي ٿيندو پر هڪ مينهن قربان ڪئي ويندي آهي، مينهن قربان ڪرڻ ۽ جشن ملهائڻ بعد لاش گهر کڻي ويندا آهن ان بعد لاش اناج گهر ۽ پوءِ قبرستان يا شمشان کڻي ويندا آهن. انهن ماڻهن جو واسطو توراجن فرقي سان آهي جن جو خيال آهي ته موت زندگي جو خاتمو ناهي پر جيڪو مري ويو اهو به جيئرو آهي، هو مردن کي کاڌو به ڏيندا آهن، هتي ماڻهو موت کي ڏڻ جيان ملهائيندا آهن، ٽٽل تابوت يا تبديل ڪيو ويندو آهي يا وري ان جي مرمت ڪئي ويندي آهي، ان بعد لاشن کي مقرر رستي سان ڳوٺ ۾ گهمايو ويندو آهي جنهن کي مائي نيني جي روايت چيو ويندو آهي.