پ پ اميدوارن کي هارائڻ لاءِ پيپلز پارٽي جا ئي اڳواڻ سرگرم

0
272

ڏهرڪي ۽ اوٻاوڙو جي ٻن صوبائي تڪن تي  دلچسپ صورتحال، پ پ اميدوارن کي هارائڻ لاءِ پيپلز پارٽي جا ئي اڳواڻ سرگرم ٿي ويا

 اين اي 198 تي پ پ اميدوار خالد لنڊ صوبائي تڪ پي ايس 19 ڏهرڪي تي پ پ اميدوار باري پتافي بدران آزاد اميدوار نادر اڪمل لغاري جي حمايت ڪرڻ لڳو آهي

 اين اي 199 تي پ پ اميدوار علي گوهر مهر صوبائي تڪ پي ايس 18 اوٻاوڙو تي شهريار شر بدران آزاد اميدوار ڄام مهتاب ڏهر جو حامي بڻيل آهي

 پ پ قيادت طرفان ٽڪيٽ نه ملڻ کانپوءِ ڄام مهتاب ڏهر خالد لنڊ بدران آزاد اميدوار ڀرچونڊي جي پير ميان مٺو جي حمايت ڪرڻ لڳو آهي

 پ پ ۾تازو  شامل ٿيل علي گوهر مهر وري  باري پتافي ۽ شهريار شر کي هارائڻ لاءِ ننهن چوٽي جا زور لڳائي ڇڏيا، علي گوهر مهر جا حامي خالد لنڊ جي حمايت بدران ميان  مٺو جي ڪئمپ ۾ ويٺل آهي