عمران کي نيڪالي نه ڏيون ها ته هُو هڪ فوجي ذريعي 2028 تائين حڪومت ٺاهي ها: آصف زرداري

0
145
آئون به وزيراعظم ٿي سگهان ٿو، اسٽبلشمينٽ سان گڏ هلڻو آهي: آصف زرداري
آئون به وزيراعظم ٿي سگهان ٿو، اسٽبلشمينٽ سان گڏ هلڻو آهي: آصف زرداري

ڪراچي: اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته عمران کي نيڪالي نه ڏيون ها ته هُو هڪ فوجي ذريعي 2028 تائين حڪومت ٺاهي ها

اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي حڪومت ۾ اتحاد لاءِ 6 وزارتن جي آڇ ڪئي وئي، پي ٽي آءِ چيئرمين مائينس زرداري پيپلز پارٽي گهري رهيو هو

هن چيو ته مون کي پرڏيهه وڃڻ لاءِ چيو ويو، اهو به چيو ويو ته رهيل پيپلزپارٽي 6 وزارتن عيوض پي ٽي آءِ سان گڏجي اليڪشن وڙهي

آصف زرداري چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف بي اعتمادي رِٿ جو فيصلو درست هو، سندس حڪومت ۾ پاڪستان دنيا ۾ اڪيلو ٿي ويو

آصف زرداري چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ملڪي معيشت جو دشمن هو، هـُو نه وڃي ها ته فيض حميد وسيلي آر او چونڊون ڪرائي 2028ع تائين حڪومت ٺاهي ها، اُن کانپوءِ هڪ ڪلو کير لاءِ ٽرڪ ڀري پئسا کڻي وڃڻا پون ها

هن چيو ته چونڊن کانپوءِ ايندڙ حڪومت قومي اتحاد تي ٺهندي، ڪابه پارٽي 172 سيٽن جي اڪثريت نٿي کٽي سگهي، نه نواز ليگ، نه مولانا، نه پيپلز پارٽي ۽ نه ئي ڪو ٻيو سنگل ميجارٽي حاصل ڪري سگهي ٿو

اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي خلاف اتحاد ٺهندا رهيا آهن، فنڪشنل ليگ به پيپلز پارٽي خلاف اتحاد ٺاهيا، پڪ آهي ته پيپلز پارٽي ايندڙ چونڊن ۾ چڱو خاصو سرپرائيز ڏيندي، ضروري ناهي ته نواز ليگ، ٿي سگهي ٿو ٻين پارٽين سان گڏ هلون، اهو چوڻ وقت کان اڳ آهي ته پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ هڪٻئي سان نه هلي سگهنديون

آصف زرداري چيو ته پنجاب مان 124 سيٽون کٽڻ بابت راڻا ثناءُ الله جي بيان بابت سوال تي آصف زرداري چيو ته بيان ڏيڻ تي ٽئڪس ناهي، ميدان آهي، اچو ۽ ڪوشش ڪريو، مون کي پڪ آهي ته 8 فيبروري تي چونڊون ٿينديون، اُنڪري ميدان تي جلدي نڪتا آهيون، چيف اليڪشن ڪمشنر اسان جي ٽيلي اسڪوپ هيٺ آهي، هو شفاف چنڊون ڪرائيندو، اليڪشن ڪميشن آزاد آهي پر اُن کي وڌيڪ انفرادي آزاد ادارو بڻايو ويندو

اڳوڻي صدر آصف زرداري بلاول ڀٽو زرداري جي بزرگ سياستدانن تي تنقيد بابت سوال جو جواب ۾ چيو ته بلاول رڳو مون کي نه، سڀني کي بابي سڏيندو آهي، نئين نسل جي پنهنجي سوچ آهي، کين سوچ جي اظهار جو حق آهي، آئون روڪيندس ته اڃا مسئلا ٿيندا

آصف زرداري چيو آهي ته هر گهر ۾ نئين نسل جي سوچ هوندي آهي ته “بابا توهان کي ڪجهه نٿو اچي” منهنجي روڪڻ تي بلاول چوي توهان وڃي سياست ڪريو، آئون نٿو ڪريان” ته مان ڇا ڪندس، بلاول ٽرپل پِي ۽ آئون فور پِي پارٽي جو چيئرمين آهيان، بلاول سوڌو سمورن اُميدوارن کي ٽڪيٽ آئون ڏيندس

هڪ سوال جي جواب ۾ آصف زرداري چيو ته آصفه ڀٽو جتان چونڊ وڙهڻ چاهي وڙهي سگهي ٿي، هو مضبوط اُميدوار آهي ۽ والده جيان ٿوري ڪاوڙ ۾ تيز آهي، باقي سڀ ٺيڪ آهي، بختاور سياست ۾ نٿي اچڻ چاهي