راڻا ثناءُ الله خلاف منشيات هٿ اچڻ جو ڪيس غلط هو: پي ٽي آءِ اڳواڻ

0
240
حڪومت سڄو اسلام آباد

ڪراچي: پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري کانپوءِ اسد عمر به سندن حڪومتي دور ۾ راڻا ثناءُ الله خلاف داخل ڪيس کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي آھي، اسد عمر چيو آهي ته راڻا ثناءُ الله کي ڪنهن سياسي ڪيس ۾ گرفتار نه ڪيو ويو هو

 اي اين ايف جي حاضر سروس آفيسر سندس خلاف ڪيس ٺاهيو هو، پي ٽي آءِ طرفان نيب جي مبينا هراسمينٽ جو شڪار عورت جي الزامن کان به اڻڄاڻائي جو اظهار ڪيو ويو

 فواد چوڌري هڪ انٽرويو دوران چيو هو ته راڻا ثناءُ الله خلاف منشيات هٿ اچڻ جو ڪيس غلط هو، اهو ڪيس پي ٽي آءِ نه، پر اي اين ايف وارن داخل ڪيو هو، بني گالا جو ڪيس سان ڪوبه واسطو ناهي

ھي به پڙھندا

ثبوت آهن ته عمران خان ۽ شهزاد اڪبر هيروئن جي ٿيلهي اسلام آباد پوليس کي ڏني: راڻا ثناءُ