پيش امام جي تذليل ۽ ان جا ڪارڻ

0
191
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

لاڙڪاڻي مان نادر ابڙو لکي ٿو

سنڌ ڌرتيءَ کي صوفين ۽ اوليائن جي ڌرتي سمجهو ويندو آهي، هن ڌرتي هميشه امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي. هن ڌرتي تي عورت کي عزت جي نگاھ سان ڏٺو ويندو آھي، بلڪه عورت کي ست قرآن برابر سمجهو ويندو آهي. هن ڌرتي تي رهندڙن عورت جي عزت ۽ آبرو لاءِ پنهنجي جانين جو نزانو ڏيڻ کان به ڪين ڪيٻايو آھي. پر موجوده صوتحال ۾ هن ڌرتي تي جنسي زيادتين ۽ عورتن کي بليڪ ميل ڪري جنسي طور هراسان ڪرڻ وارا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن. گذريل ڏينهن لاڙڪاڻي ۾ پيش آيل واقعي موجب هڪ شادي شده عورت طرفان مسجد جي پيش امام مٿان جنسي زيادتي ۽ بليڪ ميل ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. اهڙي معاملي کان پوءِ پوليس طرفان عورت ۽ پيش امام وچ ۾ رابطن جي تصديق ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ هي معاملو اڃا تائين منطقي انجام تائين ناهي پهتو.
لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد مراد واهڻ پاڙي ۾ اڱاري ڏينهن صبح سوير هڪ واقعو پيش آيو جنهن ۾ گهر ۾ گهڙي شادي شده عورت کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ۽ ڌاڙي جي الزام هيٺ گهر ڌڻين وڳڻ جي ڳوٺ علي کبڙ جي رهواسي الحسيني مسجد جي نوجوان پيش امام ماجد علي ابڙو کي پڪڙي سندس مٿي جا وار، ڏاڙهي، مڇون ۽ ڀرون ڪوڙي کيس تذليل ۽ تشدد جو نشانو بڻايو. اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي پيش امام کي حراست ۾ وٺي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ڪرايو. ان موقعي تي پيش امام ماجد علي ابڙو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي الزام لڳايو ته پاڙي ۾ پيرسن عورت تي ياسين پڙهڻ جي لاءِ صبح جي وقت مون کي گهرايو ويو جتي لياقت کوکر جي ننهن سان ناجائز لاڳاپن جي شڪ جي بنياد تي 7 ڄڻن مون کي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو. ان دوران مون کين رڙيون ڪري ايلاز منٿون به ڪيون پر انهن منهنجي هڪ به نه ٻڌي، ويتر تشدد بعد منهنجي مٿي جا وار، ڀِرون، ڏاڙهي ۽ مڇون ڪوڙي تذليل جو نشانو بڻائي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ بعد ۾ پوليس کي گهرائي مون کي گرفتار ڪرايو ويو. هن چيو ته آءٌ پيش امام آهيان، گذريل 8 سالن کان ساڳي ئي مسجد ۾ نماز پڙهائڻ سان گڏ ٻارن کي ديني تعليم ڏيندو آهيان، مون مٿان ڪوڙا الزام لڳائي مون کي تذليل جو نشانو بڻائي مون سان ظلم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته لياقت کوکر وارن ڪجهه وقت اڳ مون مٿان ڪارنهن جو الزام لڳائي مون کان ٻه لک روپيه گهريا پئسا نه ڏيڻ تي انهن مون کي تذليل جو نشانو بڻايو آهي، معاملي جي شفاف جاچ ڪري حقيقتون سامهون آنديون وڃن.
واقعي بابت شادي شده عورت نازيه زال عامر کوکر مارڪيٽ ٿاڻي تي پيش امام ماجد علي ابڙو مٿان بليڪ ميل ڪرڻ ۽ فوٽو وائرل ڪرڻ سميت ٻيا سنگين الزام لڳايا آھن. نازيه کوکر جو چوڻ آھي ته صبح پنجين وڳي مسجد جي پيش امام سميت چار ڄڻا گهر ۾ داخل ٿي مون کي پڪڙي زبردستي ڪمري ۾ کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته منهنجي رڙين تي سهري پهچي پيش امام کي پڪڙي وڌو ۽ ٽي ڄڻا فرار ٿي ويا، بعد ۾ ٻيا گهر ڀاتي به پهچي ويا ۽ پيش امام جا وار ۽ ڀرون ڪوڙي مٿس تشدد ڪيو. جڏهن ته نازيه پوليس وٽ بيان ڏيندي چيو ته 8 مهينا اڳ پيش امام مون کي بليڪ ميل ڪري منهنجا فوٽو ڪڍيا ۽ ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن آءٌ ساڻس ملڻ نه وينديس ته هو منهنجا فوٽ وائرل ڪري ڇڏيندو. هڪ ٻه ڀيرا پاڙي جي گهر ۾ مليو ۽ ڪڏهن ڪڏهن گهر به ايندو هو، پر 10 ڏينهن کان هن سان ڪو به رابطو نه هو. نازيه پيش امام تي الزام هنيو آھي ته هو مون کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ لاءِ گهر آيو جڏهن ته سندس ٽن ساٿين گهر مان 2 تولا سون ۽ 5 لک روپيه چوري ڪيا آھن.
لاڙڪاڻي ۾ جنسي زيادتي ۽ عورت کي جنسي طور هراسان ڪرڻ وارا ڪيترائي واقعا پيش اچي چڪا آهن، جن مان لاڙڪاڻو پوليس ڪجهه ڪيسن کي ٽريس ڪري ملوث ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪئي هئي، پر ڪجهه اهڙا به واقعا لاڙڪاڻي ۾ ٿيا جن کي ورهيه گذري ويا آهن پر پوليس انهن واقعن جي پٺيان ڪارڻ ڳولي نه سگهي ۽ نه ئي ملوث ماڻهن خلاف ڪا اثرائتي ڪاروائي ڪئي وئي. اهڙي قسم جي جنسي زيادتي وارا واقعا سال 2018ع ۾ معصوم نياڻي صائمه جروار توڙي نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ موريا فقير جي رهواسڻ زارا منگي سان پيش آيا هئا جنهن ۾ پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري اِها دعويٰ ڪئي هئي ته جوابدارن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي پر ٽي سال گذرڻ کان پوءِ عدالت طرفان جوابدارن کي بري ڪرڻ به پوليس جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان لڳائي ڇڏيو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته لاڙڪاڻو پوليس اهڙن واقعن جي جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي جاچ ڪري ته جيئن ملوث جوابدارن کي فوري طور سزائون ملي سگهن ۽ متاثر ڌر کي انصاف پلئه پوي ٻي صورت ۾ اهڙي قسم جا واقعا ٿيندا رهندا ۽ ڪيتريون ئي حوا ڄايون ائين جنسي بگهڙين هٿان جنسي استحصال جو شڪار بڻجنديون رهنديون.