پيارو اسٽيشن (ن پ ا) پيارو اسٽيشن ۾ سيتا دادو لنڪ روڊ جي ڀر ۾ رکيل ڪيبن کي اوچتو باهه لڳي وئي، سامان سڙي رک ٿي ويو. ان سلسلي ۾ سيتا دادو لنڪ روڊ جي ڀر ۾ رکيل اعظم چانڊيو جي ڪيبن کي اوچتو باهه لڳڻ ڪري ڪيبن ۽ ان ۾ رکيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو، باهه لڳڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو متاثرجو چوڻ آھي ته منهنجي ڪنهن سان به ذاتي دشمني ناهي منهنجي مالي مدد ڪئي وڃي.