لاهور (م ڊ) نواز ليگ جي سينئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيز مريم نواز پي ٽي آءِ طرفان ريلي ملتوي ڪرڻ تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ مريم نواز لکيو ته پوليس جي خوف کان ”تحريڪون“ ملتوي ڪندڙ کي گدڙ چوندا آهن. هن چيو ته جيڪو مشرف جي هر رنڊڪ ٽوڙي سامهون کان ليڊ ڪري، ان کي نواز شريف چوندا آهن، عدليا بحال ڪرائيندڙ ليڊر کي نواز شريف چوندا آهن.