ميرپورخاص: دودو ڀيل قتل ڪيس: عدالت 9 ڄڻن کي آزاد ڪري ڇڏيو

0
329

ميرپورخاص (ن پ ا) دودي ڀيل جي قتل خلاف احتجاج ڪندڙن خلاف داخل ڪيس ۾ گرفتار 9 ڄڻن لجپت سوراڻي سميت ٻين کي اي ٽي سي جي عدالت آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،ڪيس جي جاچ آفيسر عدالت ۾ درخواست ڏني ته جاچ دوران گرفتار ٿيلن کان جا 161 جا بيان رڪارڊ ۽ ان وقت موجود پوليس اھلڪارن جا بيان رڪارڊ ڪيا، انھن پوليس اھلڪارن گرفتار ٿيلن کي نه سڃاتو، جنھن ڪري گرفتار ٿيلن 9 ڄڻن کي آزاد ڪيو وڃي، عدالت گرفتار لجپت سوراڻي، گومون، سوائي، مٺو، جھامن داس، مھرو، نندو، ڏيوجي ۽ چنو کي 497(2) گرفتاري کانپوء جي ضمانت جي درخواست تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.