پنو عاقل ڀرسان همراهه گهران گهرائي مبينا قتل، لاش رکي ڌرڻو

0
202

پنو عاقل(ن پ ا) پنو عاقل ڀرسان بائيجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ گلو ملاڻو مان احسان ڦلپوٽو جو گهر ٻاهريان لاش مليو آهي

واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، بائجي پوليس جو چوڻ آهي ته احسان ڦلپوٽو کي تشدد ڪري  گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي

پوليس موجب مقول جي گهرواري ٻڌائي ٿي ته احسان کي فون تي گهر کان ٻاهر گهرائي قتل ڪيو ويو، ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آھن

ٻئي پاسي مقتول احسان جي وارثن لاش تعلقه اسپتال مان کڻي اچي قومي شاهراهه تي رکي انصاف لاءِ ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٻئي پاسا روڊ بلاڪ ٿي ويو ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون، پوليس ڌرڻي واري هنڌ پهچي مقتول جي وارثن سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرائي ڇڏيو