پڊعيدن ڀرسان هٿياربند گهر ۾ گهڙي گهر ڌڻي کي قتل ڪري ڇڏيو

0
197
پڊعيدن ڀرسان هٿياربند گهر ۾ گهڙي گهر ڌڻي کي قتل ڪري ڇڏيو
پڊعيدن ڀرسان هٿياربند گهر ۾ گهڙي گهر ڌڻي کي قتل ڪري ڇڏيو

پڊعيدن(ن پ ا) پڊعيدن ٿاڻي جي حد ڳوٺ مراد راڄپر ۾ ھٿياربندن مبينا طور گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري گهر ڌڻي کي قتل ڪري ڇڏيو

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي  55 ورهين جي ولي محمد راڄپر جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو

مقتول جي وارثن واحد بخش راڄپر، غلام علي ۽ دلمراد راڄپر ٻڌايو ته رات دير سان اڻڄاتل هٿياربند گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري ولي محمد کي قتل ڪيو قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي