پنج سال رهو، جرمن شهري بڻجي وڃو: قانون لاڳو

0
791
پنج سال رهو، جرمن شهري بڻجي وڃو: قانون لاڳو
پنج سال رهو، جرمن شهري بڻجي وڃو: قانون لاڳو

برلن (انٽريسٽنگ نيوز) جرمن حڪومت اڄ هڪ نئون قانون متعارف ڪرايو آهي جنهن جي منظوري کان پوءِ هاڻ غير ملڪين جو جرمني جي شهريت حاصل ڪرڻ وڌيڪ سولو ٿي ويندو

پرڏيهي ميڊيا موجب جرمن پارليامينٽ شهريت جي نئين قانون کي منظوري لاءِ پيش ڪيو آهي جنهن ۾ جرمني جي شهريت حاصل ڪرڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ 8 سال رهڻ وارو مدو گھٽائي 5 سال ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان قانون کان پوءِ ٻٽي شهريت رکندڙ به جرمني جي شهريت جي اهل هوندا

اهو قانوني مسودو جرمن پارليامينٽ ۾ عورت گھرو وزير نينسي فائزر طرفان پيش ڪيو ويو آهي جنهن جي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن مان منظوري ٿيڻي آهي

ڄاڻايل مسودي موجب جيڪي ماڻهو  جرمن ٻولي ۾ اعليٰ مهارت جو مظاهرو ڪندا، اهي رڳو ٽن سالن کان پوءِ شهريت حاصل ڪري سگھندا جڏهن ته ان نئين قانون تحت اصولي طور تي ٻٽي شهريت رکڻ به ممڪن ٿي ويندو

پر اهي ماڻهو جن کي ملڪي سلامتي مخالف يا نسل پرستاڻن ڏوهن ۾ سزا ملي چڪي هجي ته انهن کي جرمن شهريت نه ڏني ويندي.نينسي فائزر جو چوڻ هو ته اسان دنيا جي بهترين ذهنن کي پنهنجي ملڪ آڻڻ چاهيون ٿا ۽ ان حوالي سان عالمي مقابلو سخت آهي