لاهور(بيورورپورٽ) پنجاب حڪومت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گهر رائيونڊ فارم جي 127 ڪنال ايراضي تي غيرقانوني قبضو قرار ڏئي ان تان قبضو هٽائڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون، شريف خاندان عدالت پهچي ويو، عدالت پنجاب حڪومت کي ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو. پنجاب حڪومت شريف خاندان جي رائيونڊ واري رهائشگاهه جي 127 ڪنال ايراضي جي منتقلي رد ڪري ڇڏي هئي ۽ اها ايراضي خالي ڪرائڻ لاءِ ڪارروائي جون تياريون به شروع ڪري ڇڏيون هيون پر شريف خاندان حڪومت جي عمل خالف عدالت پهچي ويو ۽ درخواست داخل ڪري ڇڏي. سول جج سيد فهيم الحسن شاهه درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. شريف خاندان جو موقف هو ته پنجاب حڪومت شريف خاندان جي رائيونڊ رهائشگاهه جي 127 ڪنال ايراضي جي منتقلي رد ڪري ڇڏي آهي، غيرقانوني طور تي حڪومت جاتي عمره جي 1500 ڪنال کان وڌيڪ زمين جي ملڪيت تبديل ڪري رهي آهي، پنجاب روينيو بورڊ زمين واپس پنجاب حڪومت جي نالي ڪري ڇڏي هئي. جڏهن ته اها زمين شميم اختر جي نالي آهي، جنهن جي هو قانوني وارث آهي. حڪومت غيرقانوني طور تي ملڪيت ۾ ڦيرڦار ڪري رهي آهي، ان ڪري پنجاب حڪومت جي ان قدم کي غيرقانوني قرار ڏئي رد ڪيو وڃي. عدال تپنجاب حڪومت کي جاتي امرا رائيونڊ جي زمين جي منتقلي رد ڪرڻ کان روڪيندي پنجاب حڪومت سميت ٻين ڌرين کي رڪارڊ سميت 27 اپريل تي طلب ڪري ورتو آهي.