پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ پهرين ٽي ٽوئنٽي مئچ اڄ ڍاڪا ۾ کيڏي ويندي

0
292
پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٽن مئچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽي ٽوئنٽي مئچ اڄ ڍاڪا ۾ کيڏي ويندي، قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جو چوڻ آهي ته سيريز کي آسان نه وٺنداسين، ڪوشش هوندي ته ورلڊڪپ جهڙي طرح کيڏون

 بابر اعظم جو چوڻ هوته بنگلاديش ۽ ويسٽ انڊيز خلاف مختلف ڪامبينيشنز آزمائينداسين، پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ مئچ منجهد ڏيڊ وڳي شروع ٿيندي، قومي ٽيم جي 12رڪني اسڪواڊ ۾ ڪپتان بابر اعظم، نائب ڪپتان شاداب خان، محمد رضوان، حيدر علي، فخر زمان، شعيب ملڪ، خوشدل شاهه، محمد نواز، حسن علي، محمد وسيم جونيئر، حارث رئوف ۽ شاهين شاهه آفريدي شامل آهن

ھي به پڙھندا

ٽيم کي جهنڊي سميت واپس موڪليو! بنگلاديشي وزير پاڪستاني جهنڊو لڳائڻ تي چڙي پيو