اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر ڪميونيڪيشن جوليا ڪوزڪ چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت کي چيلنجز درپيش آهن، پاڪستان ۾ مهانگائي،گهٽ ترقي جي شرح، مٽا سٽا جي ناڻي جي ضرورت وڏا چيلنج آهن، پريس ڪانفرنس ڪندي جوليا ڪوزڪ چيو ته ٻوڏ پاڪستان جي معاشي مسئلن کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ڇڏيو، پاڪستان سان قرض پروگرام جي نائين جائزه اجلاس تي ڳالهيون ڪيون ويون، پاڪستان سان نائين جائزه اجلاس جي لاءِ اسٽاف ليول معاهدي تي ڳالهه ٻولهه ٿي، پاڪستاني حڪومت معاشي سڌارن تي عملدرآمد ڪرڻ چاهي ٿي، پاڪستان معاشي سڌارن تي عملدرآمد ڪري اعتماد بحال ڪري، پاڪستان کي ٻوڏ متاثرن جي مدد جي لاءِ گنجائش ڏني وئي، پاڪستان کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت فنڊ ورهائڻ جي اجازت ڏني وئي، هن چيو ته پاڪستان دوست ملڪن کان معاونت کي بروقت يقيني بڻائي، دوست ملڪن کان بروقت معاونت سان اسٽاف ليول معاهدو ممڪن آهي، پاڪستان ٻين امدادي ادارن کان فنڊنگ وٺي به سڌارن تي عمل پيرا ٿئي، آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدي سان ٻيا امدادي ادار به اڳتي ايندا، عالمي بينڪ، ايشيائي ترقياتي بينڪ سميت سمورا  امدادي ادارا قرض پروگرام ۾ سڌارا چاهن ٿا، چين، سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات به آءِ ايم ايف جي سڌارن تي عملدرآمد چاهين ٿا،آءِ ايم ايف به امدادي ملڪن ۽ ادارن کان فنڊنگ جي خاطري چاهي ٿو.